اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت ??ازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعق?? ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ مح??د احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت ??ازي جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.