اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي زردا??ي 411 ووٽ حاصل ڪري صدر مملڪت چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حتمي سرڪاري ن??يجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زردا??ي 411 وٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، ب??وچ??تان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي گڏيل اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زردا??ي 411 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل ن??يجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪل ووٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 9 ووٽ رد ٿي ويا، 1035 ووٽ درست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي ن??يجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.