راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ير??ن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ??ير??ن جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو ۽ ??ير??ني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پ??ران تعزيت ڪندو.