بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پر??يهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ط??فن کان پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائ?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پر??يهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ ان جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پر??يهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏي?? جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ ??را??م ڪر?? جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.