بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي پاڻڀرائپ جي ??نزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي ??اءِ چين جي ??اڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي ??روغ جي ??اءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي ??اءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي ??ول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن جي تقريب کي خطاب منهنجي ??اءِ اعزاز آهي، پاڪستان ۽ چين جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آهي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي، چين جي گهٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسان جي ??اءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغانستان ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي ??اءِ نه آهي، چين ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستا?? جو ساٿ ڏنو آهي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چي?? جو دورو ڪيو هو ۽ چين جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو مشاهدو ڪيو هو، چين مختصر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي ??اءِ دنيا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراعت جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو مشاهدو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ 2024ع ۾ چين دنيا جي ??ي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي، چين جي ??يداواري صلاحيت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، چين ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آهي، چين جي ??ثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگن جي ڪري آهي، چين کانسواءِ دنيا اڄ هڪ قدم به اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، اڄ چي?? جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ڪئي آهي، چين دنيا جي ??ي بهترين ۽ مضبوط معيشت آهي، چين ۽ پاڪستان جي اڄ جي ??ي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چين جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چين جي ??اڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪستان به دنيا ۾ چيني ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چين پنهنجي ??وجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، پاڪستان جي ??اڻڀرائپ جي ??نزل سان همڪنار ڪرڻ جي ??اءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي ??اءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي ??اءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي ??روغ جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چين جي عوام پر پوري دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آهي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محنت جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ان ترقي جو مثال آهي، چيني مصنوعات جي اڄ سڄي دنيا ۾ طلب آهي، چين جي ترقي جي ??اڊل تي عمل ڪ??ي پاڪستان کي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنهن جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پکڙجندي، ترقي کانسواءِ دنيا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وزيراعظم چيو ته اپريل ۾ بشام ۾ چيني ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ 5 چيني ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پو??ي پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي ??ـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ان جي ??نصوبابندي پاڪ چين دوستي ۽ سي پيڪ جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ??يل چيني شهرين جي ??ونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي پنهنجي ڀينرن ڀائرن وانگر عزيز آهي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي ??ول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.