اسلام آباد – 02 – جو??ائ?? (اي پي پي) اط??اعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ?? آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر اط??اعات واري وفاقي وزير کي اط??اعات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اط??اعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پا??يدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اط??اعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ?? آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.