ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ه?? ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ ب??وچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ ا??له تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم سان بلوچستان ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبر ملاقات ڪندا. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي ۽ ب??وچستان حڪومت پاران هڪ تاريخي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪندو.