اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي ملڪ لاءِ شهيد پائليٽ جي لازوال ق??با??ي کي شاندار لفظن ۾ خراج عق??دت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي عظيم ق??با??ي وطن سان اڻ مٽ محبت، بي مثال جرئت ۽ لازوال عزم جو نه وسارڻ جوڳو مثال آهي. راشد منهاس جي عظيم ق??با??ي تي سڄي قوم اڄ به فخر ڪري ٿي. شهيد ر??شد منهاس ملڪي دفاع لاءِ پختي عزم ۽ غير معمولي بهادري جو مظاهرو ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد ر??شد منهاس جي وطن سان محبت جي لازوال ق??با??ي کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس قوم جو هيرو آهي، جيڪو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.