اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري و??اقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پ??ڙه?? جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس فائون??يش?? ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي و??ندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پ??ڙه?? جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائون??يش?? لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائون??يش?? جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس فائون??يش?? کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پوليس جي و??لفيئر ت?? لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس فائون??يش?? ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائون??يش?? ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائون??يش?? زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر ت??ظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.