اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري ??يو آهي ته اسان غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ ??ظيم ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي جرئتمندي واري جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت جي لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي شمار ڪشميرين کي خوداراديت جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ ??ندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ??يل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جاري ??يل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته سيد علي گيلاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ??ندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون س??دس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چيو ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان س??دن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ جي جدوجهد کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀارتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي گهرا نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چيو ته اڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته سيد علي گيلاني سميت ٻين ڪشميري اڳواڻن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ ن?? ڏينداسين . اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري ??يو ته مان پنهنجي ڪشميري ??ائرن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان س??دن جائز جدوجهد لاءِ ??خلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري ??يو ته اسان کي سيد علي گيلاني جي مثالي بهادري ۽ جدوجهد مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ سيد علي گيلاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.