اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم دفا?? ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، 6 سيپٽمبر 1965 اهو عظيم ڏينهن آهي جڏهن ??اڪ فوج نه رڳو ڀارت کي شڪست ڏني پر ??اڪ ڌرتي تي قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ٿي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مقرر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ڏينهن 1965ع ۾ ??اڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چالن کي ناڪام بڻايو هو، بزدل دشمنن کي ??اڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي س??ق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهاد??ي جي لازوال داستان لکندڙن کي قوم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.