ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ بحريه قبرستان ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گُل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جي جٿي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن اسان جي بهادر فوج دليري ۽ جانبازي جو مظاهرو ڪندي دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته ??لڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت ??لڪ ۽ قوم کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. اسان سمورن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ قوم جي خوشحالي ۽ استحڪام ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تاني عوام ۽ حڪومت هميش?? وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.