اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صل?? الله عليه وآله وسلم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صل?? الله عليه وآله وسلم ۾ موجود آهي. حضور صل?? الله عليه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صل?? الله عليه وآله وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صل?? الله عليه وآله وسلم جي ول??دت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صل?? الله عليه وآله وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم ال??بي??ن صل?? الله عليه وآله وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، ح??ور اڪرم صل?? الله عليه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صل?? الله عليه وآله وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صل?? الله عليه وآله وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صل?? الله عليه وآله وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صل?? الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صل?? الله عليه وآله وسلم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صل?? الله عليه وآله وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.