اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم ??با ۽ سوات ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چي?? آهي ته آچر ڏينهن مالم ??با ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چي?? ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چي?? ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آهي. ترجمان چي?? ته ا??ان جون همدرديون ان واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چي?? ته ا??ان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.