راو??پن??ي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملا??ات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملا??ات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملا??ات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ا??وا?? صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.