اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي و??ا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏس?? ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدال??لي?? خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي و??ا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدال??لي?? خان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان واپس آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدال??لي?? خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدال??لي?? خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدال??لي?? خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدال??لي?? خان جو به شڪريو ادا ڪيو.