اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار ??ولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??ائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارتي اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي ل??ڪد??ر معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مشترڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ??رقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ??ائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. ??حم?? اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته ??ائب وزيراعظم ??حم?? اسحاق ڊار ??اموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.