اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي ??ڌي?? مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان س??ن پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارلياماني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقست??ن پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع مو??عا موجود آهن. پاڪستان قازقستان سميت وچ ايشيائي رياستن سان اقتصادي لاڳاپن کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪان??رن?? ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن سان ٻه طرفه لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ٿيا آهن. ان مو??عي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقست??ن پاڪستان س??ن پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارلياماني رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ٿيندا. سفير ايس سي او ڪان??رن?? جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته ايس سي او ڪان??رن?? جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.