اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ امپائر محمد نذير جونيئر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت جي لا??ِ دعا ۽ سندس گهرڀاتين جي لا??ِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ??ئي. وزيراعظم چيو ته محمد نذير جونيئر ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي جي ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. محمد نذير جونيئر جُون ڪرڪيٽر ۽ امپائر طور ڪاميابيون پوري قوم جي لا??ِ فخر جوڳيون آهن.