لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄي دنيا سميت لاڙڪاڻي ۾ به ڪالهه بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھ??يو ويو. تفصيل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رضه جي گهرواري ۽ امام حسن ۽ امام حسين رضه جن جي والده م??جد?? بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھ??يو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي امام بارگاه ۽ امام بارگاه جعفريه سميت مختلف امام بارگاهن مسجدن ۾ ولادت باسعادت ??و جشن ملھ??يو ويو. ڪيڪ ??اٽيا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي بي سيده فاطمة الزھراء رضه جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء جي شان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ڪرام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا خير گھري وئي.