اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻ??هي ملڪن جا هڪ ٻئي سان سدابهار لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري ا??سٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ سان ترڪ ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. يونس ايمري ا??سٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سينٽر جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه اسان جو دوست آهي جنهن سان اسان جي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻ??هي ملڪن جي ??وام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي شاعر يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي ??اعري ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي ا??ڙا ماڻهو آهن جيڪي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه سان حصيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان ترڪيه جا ڊراما پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پاڪستان جا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون گڏيل آهن جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي ??ڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي اسان اهڙي مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي ا??در به آهي، مولانا رومي جي مزار سان گڏ علامه اقبال جي ??لامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان تعلق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پاڻ ۾ رابطن سان لاڳاپا وڌيڪ وڌن ٿا. يونس ايمري ا??سٽيٽيوٽ ڪلچر سينٽر جي هتي قائم ٿيڻ سان ثقافت ۽ عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ترڪيه جي ??قافت کي اسان جي ماڻهن کي سمجهڻ ۽ اڳتي کڻي هلڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام سان عوام جي ??طح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير عظيم شاعرن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي ??والي سان ثقافتي گروپس جو??ڻ جي ??رورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ شاعر هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪن. اسان جي ڪوشش آهي ته انهن عظيم شاعرن جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنهن جي ??ريعي ٻنهي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ اسان دنيا کي ا??ن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.