ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? بلوچستان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جو صاف موقف آهي ت?? پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي ت?? انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال س??ن گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي دوري جي موقعي ت?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.