اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (??ي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سر??ار?? ملازمن ??ي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا رهيا، ??ي آءِ ايس پي جي آ??يسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪيس ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪاري آ??يسرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي شهزاد اڪبر ??ي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آ??يسرن پاران ف??اڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري آ??يسرن غريبن جا حق ماريندي ??ي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.