اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عا??ف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيت?? سان تفصيلي مشاورت ڪئي جڏهن ته چئني صوبائي حڪومتن کان ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون طلب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪورونا جي ڪري ملڪ جي اندروني صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، صدر جي ڀرپور ڪوشش?? سان مشاورت تي ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو ??ئي ٿيو. صدر ??اڪ??ر عا??ف علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي.