اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??اءِ ووٽ وجهڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جي ??دايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??وٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي و??ري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن و??ري سيڪريٽري شعيب احمد صديقي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذّير ۽ صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.