اسلام آباد – 24 جون (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، انهن علائقن ۾ ترقيا??ي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضل??ن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضل??ن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقيا??ي معاملن، ڪورونا وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي س??ن روڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ضم ٿيل ضل??ن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ترقيا??ي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن اولين ترجيح آهي.