اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري م??ڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ??صو??ي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي ت?? صحيحون ڪرڻ واري ت??ريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو ??صو??ي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري م??ڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿ??ند??، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿ??ند??.