اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ ش?? هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار ??نه?? جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي ??نه?? کي اقتدار کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کان ??نه?? نظام جو حصو رهيو آهي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ?? جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پر??گرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻي هلندا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.