استنبول-15 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لبنان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪال تي لبنان جي وزيراعظم فوري ايڪشن وٺندي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي لاڳ??پن جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان لبنان سان لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. استنبول ۾ لبنان جي اطلاعات واري وزير ميڪيري سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لبنان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو هموار ڪيو جنهن تي لبنان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ لبنان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان لبنان سان لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لبنان جي عوام س??ن گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي لبنان جي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ لبنان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لبنان جي عوام لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳ??پن جي مضبوطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان لبنان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ته اهي وطن واپس موٽي رهيا آهن. لبنان جي اطلاعات واري وزير ٻه طرفا لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.