اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا ا??سا??ي حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسيان جي پارليامين?? ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.