اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصو??ي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت نواز شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئي، حڪومت نواز شريف جي صحت جو معاملو ڪابينا ۾ کڻي وئي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شو??رٽي بانڊ تي ??او??لا ڪئي وئي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو وي?? آهي، نواز شريف جي حوالي جيڪو فيصلو آيو آهي ان ۾ به عدالت شو??رٽي گهري آهي جيڪو وڌيڪ آئيني ۽ قانوني حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو انساني ۽ قانوني مسئلو آهي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل معاهدن تان ڦرندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل انور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.