اسلام آباد – 07 ج??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تح?? سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سب??ڊي ڏني ويندي، پئڪيج تح?? سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تح?? 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچ??ر ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.