اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئل?? جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاو?? جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئل?? جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ ??ي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ??ن فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحرا?? جي حل ۾ مدد ملندي ??ر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ??ن مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولت?? جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪر?? سگهبا.