اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ناڻي مان ڏني ويندڙ سبسڊي جو مقصد معاشري جي ??مزور طبقن جي مدد ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو فروغ آهي، غيرمستحق ماڻهن جو سبسڊي?? جي نظام مان فائدو کڻڻ نه رڳو سرڪاري وسيلن جو زيان آهي پر حقدارن جي حق تلفي جو سبب بڻجي ٿو تنهن ڪري اننظام ۾ سڌار?? حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو حڪومت پاران مختلف شعبن ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۽ ان مدد کي حقدار تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.