ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سڀني علائقن جي هڪجهڙ?? ترقي حڪومت جي ترجيح آهي، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.