ڪويت سٽي -27 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) وزارا ڪائونسل جو 46هون غير معمولي اجلاس ڪويت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ شام، لبنان ۽ غزه جي تازي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اي پي پي موجب نار سهڪار ڪائونسل ( جي سي سي )جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن شام جي خودمختياري ۽ سلامتي جي اهميت تي زور ڀريندي ڪنهن به قسم جي پرڏيهي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو ته شام جي عوام جي خواهشن موجب اقتدار جي منتقلي لاءَ ڪيل عوامي ڪوششن جو مڪمل احترام ڪيو ويندو. وزارتي ڪائونسل شام ۾ شهرين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۽ قومي مفاهمت جي شام جي رياستي ادارن جي سلامتي لاءِ ڪيل قدمن جي به آجيان ڪئي. شام کي اقتصادي طور تي با اختيار بنائڻ ۽ لاڳو ڪيل پابنديون هٽائڻ تي به زور ڏنو ويو. ڪائونسل شام ۽ ان جي سرحدي علائقن ۾ لڳاتار اسرائيلي حملن ، والاريل گولان ۾ توسيع پسندي ۽ اسرائيلي قبضي جي مذمت ڪئي جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر موجب عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪائونسل لبنان جي خود مختياري ۽ سلامتي جي حوالي سان جي سي سي ملڪن جي موقف جي توثيق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مڪمل سياسي ۽ اقتصادي سڌارن تي عمل در آمد ڪيو وڃي ته جيئن علائقو دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو مرڪز نه بڻجي سگهي. اهڙيون سرگرميون خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ هونديون آهن. ان جي حل لاءِ لبناني سيڪورٽي فورسز جي ڪردار جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو . وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ لبنان تي اسرائيلي جارهيت جي مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل طائف معاهدي تي عمل در آمد کي يقيني بنائڻ ۽ لبنان جي خودمختياري جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس جي آخر ۾ وزارتي ڪائونسل ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته جي سي سي ملڪ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان ثابت قدمي سان بيٺا آهن. اجلاس ۾ غزه پٽي ۾ جنگ بندي ، اسرائيلي گهيري کي ختم ڪرڻ سان گڏو گڏ سموريون سرحدون غير مشروط ۽ فوري طور تي کولڻ تي به زور ڏنو ويو ته جئين انساني بنيادن تي امدادي ڪمن کي تيز ڪندي ضرورتمندن تائين امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سميت ڪويت ۾ عرب جي سفير شهزاده سلطان بن سعد بن خالد، عرب ملڪن جي ادارتي معاملن جي ڊائريڪٽر غازي العنزي ، سعودي سفارت خاني جي سياسي معاملن بابت ڊائريڪٽر القحطاني به موجود هيو.