تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تربت ۾ 200 بستر?? تي مشتمل ٽيچنگ اسپتال، مختلف شاهراهن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر ?? افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب جمعي ڏينهن وزيراعظم تربت ايئرپورٽ جي توسيع، 200 بستر?? تي ٻڌل مڪران ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال تربت، يونيورسٽي آف تربت جي فيز 2 ۽ ايم – 8 جي 146 ڪلوميٽر هوشاب – آواران سيڪشن جو پيڙهه جو پٿر رکيو، ان دوران وزيراعظم کي اين – 30 جي 106 ڪلوميٽر ٻن لائين واري بسمه – خضدار روڊ تي ??ڳڀرائي ۽ ڏکڻ بلوچستان لاءِ ترقياتي پيڪيج جي باري ۾ بريفنگز ڏنيون ويون.