اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شع??ي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شع??ي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شع??ي جي لاءِ فڪس ٽيڪس ر??يم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شع??ي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شع??ا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شع??ي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انه?? منصو??ن سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، ??يب??پختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شع??و حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انه?? منصو??ن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي شع??ي جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.