اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سينيٽر سيف الله خان نيازي، سي??ري??ري جنرل عامر محمود ڪياني ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اڄ??ڪي ٿيندڙ چونڊن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيا?? موجب ملاقات دورا?? موجوده سياسي صورتحال جي روشني ۾ آئنده جي حڪمت عملي تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.