اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک پ??ڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ سفير طرفان پرڏيهي پاڪستانين جو خيال نه رکڻ ۽ پئسا وٺڻ جي شڪايتن جي جاچ ??را??ي ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، جيستائين ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي تيستائين پرڏيهي پاڪستاني ان فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پنهنجي خاندانن کان ڪي??را??ي سال پري رهي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، اسان جي سفارتخانن پاران انهن جي تحسين ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ روشن ڊجيٽل اڪائ??نٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائ??نٽ ڊگهي عرصي کان هڪ ارب ڊالر جو اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، ان تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيون ٿا، ان کي اڳتي وڌائن ۽ پرڏيهي پاڪستان??ن لاءِ روشن ڊجيٽل ڪار ۽ سماجي خدمت به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته 90 لک پ??ڏيهي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، جيڪڏهن انهن مان اسان 20 لک تائين به پهچي وياسين ته اهو اڪائ??نٽ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، ان لاءِ مارڪيٽنگ تي غور ڪريو ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ مهارت مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته هتي ڪنهن پنهنجي برآمدات وڌائڻ تي غور ناهي ڪيو، ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ به اسان جو الميو رهيو آهي، 30 سالن ۾ ڊالر جي گهٽتائي ۽ روانگي واپار گهٽ ٿيڻ جي ڪري 20 ڀيرا عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پيو، جيستائين اسان جو روانگي واپار نٿو وڌي اوورسيز پاڪستانين تي ڀاڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين جڏهن پهرين ناڻي وارو وزير هو تڏهن هن روانگي اوپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ هاڻي اهو ٻيو ڀيرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته گهرن جي لاءِ عام ماڻهو کي قرض جي فراهمي بئنڪن جي عادت ناهي، امير ماڻهو کي اها سهولت آرام سان ملي ويندي آهي ان لاءِ بئنڪن کي پنهنجي عملي جي تربيت جي ضرورت آهي، هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ گهڻ?? بهتري آئي آهي، هڪ سال جي رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي ۽ ماضي جو سمورو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، تنهن هوند?? به اهو گهٽ آهي، اسان کي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائ??نٽ خساري سان روپئي جي دٻاءُ پوندو آهي ان سان واڌ جي شرح ۽ ٻاهرين سيڙپڪار?? به متاثر ٿيندي آهي، روشن ڊجيٽل اهم پروگرام آهي، بئنڪن جهڙي طرح ساٿ ڏنو آهي ان کي ساراهيون ٿا، اسان کي هائوسنگ جي شعبي ۾ بئنڪن جو تمام وڏو ڪردار گهربل آهي.