اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان زرعي ترقي جي رستي ۾ مشڪلاتن کي فوري حل ڪرڻ، ترقي جي عمل جي مسلسل نگراني ۽ مناسب وقت تي سمورين ڌرين جي مشاورت سان موثر فيصلاسازي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي زرعي شعبي جي ترق?? هاڻي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار زراعت بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.