اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي ??امزن آهي، ماضي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو هو، هاڻي اسان جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ مصنوعات برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪا آهيو??، ايڪسپو دبئي 2020ع پاڪستان جي تمام گهڻن لڪل خزانن کي دنيا آڏو ظاهر ڪرڻ جو بهترين ??وقعو آهي، پاڪستان پويلين ذريعي ملڪ جو مثبت ۽ ترقي پسنداڻو تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هي پاڪستان جي لاءِ هڪ عظيم موقعو آهي ته اهو دن??ا جي آڏو هڪ شفاف ۽ تيزي سان ترقي ڪندي ملڪ جي وسيع امڪانن کي پيش ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ايڪسپو 2020ع دبئي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۽ ان جي لوگو جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.