اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 39 فوتگيون ??يو?? جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ??يو??. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾3 هزار 262 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ??لڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 15 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 34 سيڪڙو مري?? آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 24، ڪراچي ۾ 48 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 25 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 44 سيڪڙو مري?? آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 975، پنجاب ۾ 18 هزار 432، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 802، اسلام آباد ۾ 2 هزار 390، بلوچستان ۾ 2 هزار 393، گلگت بلتستان ۾ 727، آزاد ڪشمير ۾ 693 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 28 هزار 722 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 276 مري?? آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 59 هزار 899 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 11 هزار 708 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 203، بلوچستان ۾ 29 هزار 618، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 798، اسلام آباد ۾ 85 هزار 947، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 139، پنجاب ۾ 3 لک 53 هزار 695 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 69 هزار 245 مري?? آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 87 آهي.