اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪچه??ين جي په??ين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئ?? آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موج?? وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزا??ت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئ?? آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪچه??ين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيت??ين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئ??. عوامي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچه??ين جو انعقاد ڪيو.