اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران سڄي ملڪ ۾4 هزار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لح??ظ کان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ?? 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لح??ظ کان ايبٽ آباد ۾ 59، ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 625، پنجاب ۾ 19 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 53، اسلام آباد ۾ 3 هزار 89، بلوچستان ۾ 1 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 667 ٽي??ٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 46 هزار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 82 هزار 298 آهي.