لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار ??ثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار ??ثمان بوزدار ??ان ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ عوامي ڀلائي جي ترقيايت منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ور??و. ??نجاب جي گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ت?? پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ڪشمير اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تمام جلد متوقع اوورسيز ڪنوينشن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني برادري نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪندي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ گهري دلچسپي رکي ٿي. پنجاب جي گورنر وزيراعطم کي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀونگ ۾ جاري مندر جي بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.