ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه انجنيئر گلبدين حڪمت يار افغان مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لا??ِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرو??ت آهي ۽ اهڙي حڪومت افغانستان ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه امن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لا??ِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لا??ِ سڄي افغان سياس?? قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته افغان عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالبان ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته سڀني افغانين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالبان ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. افغانستان ۾ ڀا??ت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته اميد آهي ته ڀا??ت ۾هاڻي افغانستان ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀا??ت افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀا??ت افغانستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀا??ت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ افغانستان منتقل نه ڪري. افغان سر زمين کي ڪنهن به جنگ لا??ِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڀا??ت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀا??ت ۾ افغانستان ۾ امن جي بحالي لا??ِ افغان عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.