راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان ??مريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغانستان ??ي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان ??طي ۾ امن ۽ افغان ??وام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدا?? ان موقعي تي افغانستان ??ي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان ??ي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي پاڪستان ??ان ??فارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.