ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته دنيا چاهي ??ي ته افغ??نس??ان جا اڪائونٽس منجند ڪرڻ سان ??نس??ني بحران پيدا ٿيندو، اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته طالبان دنيا سان گڏجي هلندا ۽ جيئن انهن چيو هو ته اهي دهشتگرد تنظيمن ٽي ٽي پي يا داعش کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت جي ڪا خواهش پوري نه ٿي ۽ نه رتوڇاڻ ٿيو. ڀارتي ميڊيا پ??ڪس??ان تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي. نريندر مودي جي ميڊيا پنج شير جي هٿ ٺوڪي خبرن تي پاڪ فوج جي خلاف بي بنياد الزام هنيا ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پ??ڪس??ان جو افغ??نس??ان ۾ مفاد رڳو امن، استحڪام ۽ ترقي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان خطي ۾ جاگرافيائي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. پ??ڪس??ان دنيا سان امن تي به ڳالهه ڪندو. گهرو وزير چيو ته اسان ملا برادر کي امن جي مقصد جي لاءِ آمريڪين سان ڳالهين تي ويهڻ جي سهولت فراهم ڪئي، آمريڪا هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري افغ??نس??ان ڇڏيو، پ??ڪس??ان ان تي ڪا صحيح ??اهي ڪئي. اسان انهن کي ڪجهه ڪرڻ جو نه چيو پر اسان رڳو امن جا سهولتڪار آهيون. افغ??نس??ان مان پرڏيهين جي انخلا بابت پ??ڪس??ان جي ڪوششن جي حوالي سان هن بڌايو ته پاڪ فوج 8 کان 10 هزار ماڻهن (پرڏيهين) کي پ??ڪس??ان مان وڏي مهمان نوازي سان انهن جي اباڻن علائقن يا جتي انهن وڃڻ چاهيو منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته گهرو وزارت انهن کي 21 ڏينهن جي لاءِ ويزا جاري ڪيا هئا ۽ انهن پرڏيهين کي هڪ مهيني جي ويزا به جاري ڪئي، جيڪي اڏامن ۾ دير يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پنهنجي منزلن تي نه وڃي سگهيا. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪا پناهگير ڪئمپ نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ د??خل ٿيا هئا انهن کي واپس موڪليو ويو.