اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب ??وپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فر?? حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب ??وپين ج?? قرض منظور جڏهن ته 18 ارب ??وپين ج?? قرض فر??هم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فر?? حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.